جهانگياڻي سنتداس

جهانگياڻي، سنتداس: نامور محقق ۽ ليکڪ، سنتداس جهانگياڻيءَ، حيدرآباد، سنڌ ۾، 20 جولاءِ 1929ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو منگهارام جهانگياڻي هو. هن بي. اي آنرس (ممبئي)، ايم. اي (پنجاب) ۽ صحافت ۾ ڊپلوما (ڀارتيه وديا ڀون) مان ڪرڻ کان سواءِ دهلي يونيورسٽيءَ مان “Shah Abdul Latif and His Times” عنوان تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سنتداس جهانگياڻي، ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي ’خادم‘ جو ويجهو عزيز هو ۽ نئين دهليءَ ۾، هڪ ئي گهر جي ٻن ڀاڱن ۾ گڏجي رهندا هئا. سنتداس ڪيترا تحقيقي مقالا، مضمون ۽ ڪهاڻيون لکيون، جيڪي هند، سنڌ جي نامور رسالن: مهراڻ، نئين زندگي، هند واسي، رم جهم،
گل ڦل ۽ سنڌوءَ ۾ شايع ٿيا. سنتداس جهانگياڻيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان شامل آهن:
ادب جي راهه ۾ (چونڊ تحريرون: 1958ع)، (2) هل پنهل
(مضمون: 1967ع)، (3) پاپ جي مايا (ڪهاڻيون ۽ ادب لطيف: 1968ع)،
(4) تن سپون سوجهي ڪڍيون (شاهه لطيف تي تحقيقي مضمون: 1985ع)،
Shah Abdul Latif and His Times (1986) (5)
سنتداس جهانگياڻي، ديش بنڌو ڪاليج دهليءَ ۾ سنڌي شعبي جو سربراهه، وائيس پرنسپال ۽ پرنسپال به رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.07.20  عيسوي

نامور محقق ۽ ليکڪ، سنتداس جهانگياڻيءَ، حيدرآباد، سنڌ ۾، 20 جولاءِ 1929ع تي جنم ورتو



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رانجهن ماسٽر رانجهن
شوڪت صديقي
علي بابا
صابري عبدالغفار مولانا
جوڻيجو سميع ساجد
شان الحق حقي
سيد عبدالحسين موسوي
حشو ڪيولراماڻي
چانڊيو عبدالحئي پروفيسر
حبيب الله مرزا ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون